سکر موٽرورڪس ايسو سيئيشن جي ڏھ ڊسمبر تي ٿيندڙ چونڊ

سکر موٽرورڪس ايسو سيئيشن جي ڏھ ڊسمبر تي ٿيندڙ چونڊ۔ سرگرميون تيز ٿي ويون ۔پهرين ڊسمبر فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ۔آزاد موٽر ورڪس ورڪرز پينل سکر جي اميدوارن مسترين جي وڏي جلوس ۾ اليڪشن آفيس سکر موٽر ورڪس ۾ پهچي فارم جمع ڪرايا صدر جي عهدي لاء محمد نعيم مغل۔نائب صدر جي عهدي لاء محمد اڪرم مستوئي ۽ جنرل سيڪريٽري جي عهدي لاء شھزاد کوکر کي پينل طرفان نامزد ڪيو ويو هو ٽن پينل جي گڏيل پليٽ فارم آزاد موٽر ورڪس ورڪرز پينل سکر جي اميدوارن ۽ پينل جي سپوٽرن هدايت الله کوسو۔غلام نبي مهر۔شفيق احمد ڀٽي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته 10 ڊسمبر تي آزاد موٽر ورڪس ورڪرز پينل سکر جا سمورا اميدوار انشاء الله وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي مستري ڀائرن جي خدمت ڪنداسين ڊينٽر پينٽر مڪينڪ ڪالوني جي پورهيتن کي سندن کسيل حق ڏيارينداسين ان لاء مستري ڀائرن کي گهرجي ته هو اسان جي پينل کي ڪامياب ڪرائي۔ ڏھ ڊسمبر جو ڏينهن مستري ڀائرن لاء خوشخبري وارو ڏينهن هوندو آزاد موٽر ورڪس ورڪرز پينل پورهيتن جو ترجمان آھي۔

پنھنجي راءِ لکو