شهر جامسئلا جلد حل ڪيا ويندا ،ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ منور علي مٺياڻي ۔

شهر جامسئلا جلد حل ڪيا ويندا شهر جي مسئلن جي حل لاء سخت قدم کنيا ويندا ۔ ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ منور علي مٺياڻي شهر اندر صفائي ,گٽرن جا ڍڪڻ,ڍورن جو آذار,اسٽيريٽ لائٽ جو وڏو مسئلو آهي جنهن کي جلد حل ڪيو وڃي.ڊپٽي ڪمشنر جي ڪامورن کي سخت هدايتون تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي ٽي ايم او مقصود احمد جتوئي ڪنڌڪوٽ شهر جو دورو ڪيو شهرين کان مسئلا ٻڌا ۽ جلد حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ۔ ڊپٽي ڪمشنر ٽي ايم او کي هدايت ڪئي ته شهر اندر صفائي جو وڏو مسئلو آهي جنهن کي جلد کان جلد حل ڪيو وڃي ، شهر اندر گٽرن جا ڍڪڻ کليل آهن شهر اندر ڍورن جو آذار وڌي ويو آهي۔ اسٽيريٽ لائٽ جو وڏو مسئلو آهي جنهن کي جلد حل ڪيو وڃي۔شهر ۾ حد دخلين جو وڏو مسئلو آهي جيڪو حل ٿيڻ کپي هن اسسٽنٽ ڪمشنرز کي ۔وڌيڪ اگھ وٺندڙ خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي . ڊپٽي ڪمشنر گڏجاڻي سان خطاب ڪندي چيو ته شهر جي مسئلن جي حل لاء انتظاميه پاران سخت کان سخت قدم کنيا ويندا ڪنڌڪوٽ اسان جو حصو آهي ضلعي اندر لئبريري ڊئلاسسز ۽ ٻيون سهولتون موجود آهي شهر جي صفائي جو وڏو مسئلو آهي جنهن جلد حل ڪيو ويندو۔

پنھنجي راءِ لکو