شهباز گل خلاف فرد جرم جي ڪارروائي 12 ڊسمبر تائين ملتوي

اسلام آباد، تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل خلاف فرد جرم جي ڪارروائي 12 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي
عمران خان جي اڳوڻي چيف آف اسٽاف ۽ ادارن ۾ بغاوت پکيڙڻ جي جوابدار تحريڪ انصاف اڳواڻ شهباز گل ۽ عماد يوسف اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهي بغاوت جي ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ ايڊيشڻل سيشن جج ارشد محمود بطور ڊيوٽي جج ٻڌڻي ڪئي پر شهباز گل ۽ عماد يوسف عدالت ۾ پيش نه ٿيا شهباز گل ۽ عماد يوسف جي وڪيل ٻنهي جوابدارن جي حاضري کان ڇوٽ جون درخواستون پيش ڪندي موقف اختيار ڪيو ته شهباز گل جي طبيعت خراب آهي ان لاءِ هو عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهي. جڏهن ته عماد يوسف کي ڪراچي کان اچڻو هو پر کيس فلائيٽ جي ٽڪيٽ ناهي ملي سگهي عدالت ٻنهي جوابدارن جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪندي شهباز گل خلاف فرد جرم جي ڪارروائي 12 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

پنھنجي راءِ لکو