لاهور، تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته اهي ملڪ لٽيندا آهن ۽ ٻاهر هليا ويندا آهن، عوام ۾ ويهي کاڌو نٿا کائي سگهن چونڊون ڇا وڙهندا لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته ملڪ جي 75 سيڪڙو آبادي چئي رهي آهي ته چونڊون ڪرايون وڃن، توهان کان ملڪ نٿو هلي، ٻئي ناڻي وارا وزير پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن هن چيو ته اسان جا فيصلا ٿي چڪا آهن، جيڪڏهن وفاقي حڪومت پنهنجو حصو نٿي وجهڻ چاهي ته انهن جي مرضي، اسان جي وڪيلن جي گڏيل راءِ آهي ته گورنر راڄ نٿو لڳي سگهي، اسان چونڊن لاءِ تيار آهيون سندس چوڻ هو ته پي ڊي ايم رڳو پنهنجا ڪيس ختم ڪرائڻ ۾ سنجيده آهي، انهن جو سڀ ڪجهه ٻاهر آهي، کين پاڪستان جي ضرورت ناهي
