ٺڪراٺو ،ٺڪراٺو شهر به ثقافتي رنگن سان رنگجي ويو ٺڪراٺو : 04 ڊسمبر تي اعلانيل سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو ملهائڻ جي سلسلي ۾ ٺڪراٺو جي شاھ لطيف ماڊل ايليمينٽري اسڪول جي استادن ۽ شاگردن پاران هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شاگردن ۽ استادن مٿي تي ٽوپي ۽ ڪلھن تي اجرڪ اوڍي وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا ريلي ۾ شاگردن جيئي سنڌ جيئي سنڌ وارن جيئن سميت سنڌي گيتن تي تاڙيون وڄائي سنڌ سان بي حد محبت جو اظھار ڪيو
ريلي ۾ موجود استادن محمد حسن منگي ، خليل احمد گل ۽ اشفاق سومرو سميت ٻين چيو ته ھر سال جيان ھن سال به ڪي ٽي اين ڪاوش جي ڏنل سڏ تي ويڙھا وري وسندا خوشحال ٿيندي سنڌ جي عنوان ھيٺ ايڪتا ڏينھن ڀرپور نموني سان ملھائينداسين ۽ سڀاڻي به شھر اندر ايڪتا جي ريلي ڪڍي سنڌ ۽ سنڌ جي ھزارين سال پراڻي ثقافت کي اجاڳر ڪنداسين.
