اسلام آباد،تحريڪ انصاف وقت کان اڳ چونڊن جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون، اهم اجلاس طلب

اسلام آباد، تحريڪ انصاف وقت کان اڳ چونڊن جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ان سلسلي ۾ چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن ۽ پارٽي عهديدارن جو اهم اجلاس طلب ڪيو ويو آهي تحريڪ انصاف طرفان وفاقي حڪومت تي عام چونڊن لاءِ دٻاءُ وڌايو پيو وڃي ۽ عام چونڊن ۾ مضبوط اميدوارن کي ميدان ۾ لاهڻ لاءِ پارٽي چيئرمين عمران خان به متحرڪ ٿي ويو آهي تحريڪ انصاف وقت کان اڳ چونڊن جي باقاعده تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، ان سلسلي ۾ اڄ شام جو لاهور سان تعلق رکندڙ اسيمبلي ميمبرن، ٽڪيٽ هولڊرز ۽ عهديدارن کي زمان پارڪ طلب ڪيو ويو آهي.
تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان اسيمبلي ميمبرن ۽ پارٽي عهديدارن جي اجلاس جي صدارت ڪندو ۽ اجلاس ۾ چونڊن دوران مضبوط اميدوارن جي نالن تي غور ڪيو ويندو

پنھنجي راءِ لکو