سکر نيشنل پريس ڪلب نيوز/ خيرپور جي رهواسي سماجي اڳواڻ شهربانو سوڍڙو سکر نيشنل پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 4 ڏينهن اڳ منهنجي مڙس ذوالفقار سوڍڙو کي اغوا ڪيو ويو، مريد سهتو ۽ ڪامران سوڍڙو منهنجي مڙس کي پئسا ڏيڻ جو آسرو ڏئي خيرپور جي علائقي ڪولاب جيئل گهرايو جتي کيس اغوا ڪيو ويو، منهنجي مڙس جي اغوا ۾ ڪامران سوڍڙو، مريد سهتو، وڪيل عبدالقيوم جاگيراڻي ۽ حسين بخش سيال کيس اغوا ڪري ويا آهن، ايس ايس پي خيرپور وٽ به ويا آهيون پر هن به مدد ناهي ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته جوابدارن کين نوڪريون ڏيڻ بهاني هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي رقم ورتي آهي بدلي ۾ نوڪرين جا جعلي آرڊر ڏنا، هاڻي نه نوڪريون ڏنيون ويون آهن ۽ نه ئي پئسا واپس ڪيا پيا وڃن، پئسا گهرڻ جي صورت ۾ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو پيو وڃي ۽ هاڻي سندس مڙس کي اغوا ڪيو ويو آهي، هن وزيراعلي سنڌ، آئي جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مڙس کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
