دمشق، شام ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف مظاهرن دوران 2 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.
عالمي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب شام ۾ ڪيترن ئي سالن کان جاري خانه جنگي، معاشي بدحالي ۽ بيروزگاري عوام ۾ بيچيني پيدا ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ احتجاج روز جو معمول بڻجي ويو آهي شام جي شهر السويداءِ ۾ اهڙي ئي احتجاج دوران مظاهرين هڪ سرڪاري عمارت تي حملو ڪري ڏنو ۽ اتي لڳل شام جي صدر بشارالاسد جي تصوير کي لاهي اڇلائي ڇڏيو سرڪاري عمارتن ۾ زبردستي داخل ٿيندڙ مظاهرين مٿان سيڪيورٽي فورسز فائرنگ شروع ڪري ڏني، چڪرين دوران گهٽ ۾ گهٽ 2 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. مارجي ويلن ۾ هڪ پوليس اهلڪار به شامل آهي ياد رهي ته 2011 جي جاري خانه جنگي سبب شام جي معيشت تباهه ٿي چڪي آهي. خانه جنگي ۾ تقريبن 5 لک ماڻهو مارجي چڪا آهن جڏهن ته لکين ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏي ترڪي ۽ يورپ جي ٻين مختلف ملڪن ڏانهن لڏ پلاڻ ڪري چڪا آهن
