ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ عبدالخالق چاچڙ)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي تنگواڻي مان اغوا ٿيل معصوم مسرور احمد بکراڻي سميت سمورن مغوين جي بازيابي ـ وڌندڙ بدامني جي خلاف گھنٽاگھر چوڪ کان اڪرم باجڪاڻي جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي آفيس تائين احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، ان موقعي تي امن ڏيو امن ڏيو ـ معصوم مسرور بکراڻي سميت اغوا ٿيل مغوين جي بازيابي لاء سخت نعريبازي پڻ ڪئي انھي موقعي تي اڪرم باجڪاڻي ـ جيوڻ خان ـ مھتاب ملڪ ـ اي ڪي اوڳاھي ـ اويس کوسو ۽ ٻين چيو ته اغوا ڌاڙا ڦرون روز جو معمول بڻجي ويو آهي عوام پاڻ کي غير محفوظ سمجھي رھي آهي پر افسوس جو پوليس انتظاميا تي ڪو به اثر نه پيو ٿي نه ڪا ڪاروائي ٿي رھي آهي جنهن ڪري ڏوھارين جو من وڌي رھيو آهي جيڪي چوريون ـ ڦر ـ ڌاڙا روز روز ڪري عوام کي پريشان ڪن پيا عوام جي مالڪي ھٿان جا چونڊيل عوامي نمائيندا به نه ٿا ڪن اسين پنهنجي عوام کي سان گڏ آيون اسين پوليس انتظاميا جي نااھلي خلاف سخت کان سخت احتجاج جو رستو اختيار ڪنداسي انھي دوران ڊي ايس پي سيد اصغر شاھ پھچي مظاھرين کان معصوم جي بازيابي لاء ٽن ڏينهن جي مھلت وٺي احتجاج ختم ڪرايو جڏھن ته ال پارٽي موومينٽ پاران ست ڊسمبر اربع ڏينهن بدامني ۾ واڌ ۽ مغوين جي بازيابي لاء ڀرپور احتجاج جو سڏ ڏنل آهي انھي حوالي سان پي ٽي آ ضلع اڳواڻ عبدالعزيز سومرو ميڊيا سان ڳالهيندي چيو ته امن نه ھجڻ ڪري معاشي نقصان ٿي رھيو آهي عوام ۾ خوف آهي پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي ست ڊسمبر تي ٿيندڙ احتجاج ۾ ورڪر تمام گھڻي تعداد ۾ شرڪت ڪندا .
