اسلام آباد، سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي عمران خان، فواد چوڌري ۽ اسد عمر خلاف ڪارروائي جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي رپورٽ موجب اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، اڳوڻي وفاقي وزيرن فواد چوڌري ۽ اسد عمر خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ عدالت سڳوري اليڪشن ڪميشن کي ٽنهي تحريڪ انصاف اڳواڻن خلاف ڪارروائي جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي تحريڪ انصاف اڳواڻن خلاف ڪارروائي کان نه پر حتمي فيصلي کان روڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف اڳواڻن کي جاري شوڪاز نوٽيس تي اعتراضن جو به جائزو ورتو ،اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا پر هو پيش نٿا ٿين. تحريڪ انصاف جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن جو شوڪاز نوٽيس چيف اليڪشن ڪمشنر نه پر ڪنهن ٻئي آفيسر جاري ڪيو ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي قانون موجب ڪارروائي جاري رکڻ جي هدايت سان گڏ ڪيس کي اُڪلائي ڇڏيو. عدالت سڳوري وضاحت ڪئي ته لاهور ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽس اليڪشن ڪميشن کي ٻڌڻي کان ناهي روڪيو. اليڪشن ڪميشن لاهور ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تائين ڪيس ۾ ڪوبه حتمي فيصلو جاري نه ڪري سپريم ڪورٽ چيو ته هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ درخواستن تي ٻڌڻي کي جلد مڪمل ڪيو وڃي. ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪئي
