لاهور، قومي احتساب بيورو(نيب) اسحاق ڊار جا اثاثا بحال ڪرڻ جي لاءِ پنجاب جي مختلف ادارن کي خط لکي ڇڏيو آهي ذريعن موجب نيب اسحاق ڊار جا اثاثا عدالت جي حڪم تي بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ناڻي واري وزير جي اثاثن ۾ پراپرٽي، مختلف بئنڪ اڪائونٽس به شامل آهن نيب هن ڪيس ۾ اسحاق ڊار کي مفرور قرار ڏئي اثاثن کي منجمد ڪري ڇڏيو هو. جڏهن ته گلبرگ لاهور جي پراپرٽي وڪرو ڪرڻ جا حڪم به جاري ٿيا ۽ ان جي نيلامي به ڪرائي وئي هئي پر اسحاق ڊار جي پراپرٽي نيلام نه ٿي سگهي هئي ادارن کي نيب طرفان خط ملڻ کان پوءِ قانون تحت ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي
