نئين آرمي چيف تي تنقيد کان پاسو ڪريو،صدر عارف علوي عمران خان کي خبردار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد، پاڪ فوج جي ڪمان ۾ تبديلي کان پوءِ صدر عارف علوي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران کي مبينه طور تي ڪيترائي ڀيرا سختي سان آگاهه ڪيو آهي ته هو پارٽي جي اڳواڻن ۽ سوشل ميڊيا ٽيم کي نئين آرمي چيف ۽ فوج تي تنقيد کان روڪي ايڊيٽر انويسٽيگيشن انصار عباسي جي خبر ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته صدر عارف علوي عمران خان کي خبردار ڪيو آهي ته هو پارٽي اڳواڻن ۽ سوشل ميڊيا ٽيم کي نئين آرمي چيف ۽ فوج تي تنقيد کان روڪي، فوج جي عزت منهنجي ريڊ لائن آهي ان کي پار نه ڪيو وڃي پاڪ فوج جي ڪمان ۾ تبديلي کان پوءِ تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جي نالي سان واٽس ايپ گروپ ۾ عمران خان کي پيغام اماڻيو ويو پيغام ۾ چيو ويو آهي ته نئين آرمي چيف تي ڪنهن به فورم تي ڪابه تنقيد نه ڪئي وڃي ۽ ان ڳالهه تي سختي سان عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته نئين فوجي اسٽيبلشمينٽ ۽ آرمي چيف تي تنقيد نه ڪئي ويندي، اداري سان جهيڙو نٿو ڪري سگهجي

پنھنجي راءِ لکو