ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر عبدالخالق چاچڙ ڪشمور لڳ معمولي ڳالھ تان ڀاء ھٿان ڀاء قتل واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو تفصيل موجب ڪشمور لڳ ڪشمور ٿاڻي جي حد فاروقي باغ ڀرسان سولنگي برادري جي ٻن ڌرين م معمولي ڳالھ تان ٻن ڀائرن م جھيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي م جوابدار بشير عرف بگو سولنگي ڪاوڙ م اچي ڀاء مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي م گوليون لڳڻ سبب ڪيھر سولنگي ٿڏي تي قتل جڏهن ته جوابدار موقعي واردات تان فرار ٿي ويو اھڙو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو ويو اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول جو لاش تحويل م وٺي پوسٽ مارٽم لاء اسپتال ڪشمور آندو جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو لاش گهر پھچڻ تي قعورام مچي ويو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه وري گرفتاري عمل ۾ اچي سگهيو آهي
