ڪنڌ ڪوٽ(ڊسٽرڪٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ) شڪارپور واسڻ عينا معرفاڻي ـ گڙھي خيرو واسي عمران ابڙو گھران نڪري ڪنڌ ڪوٽ جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ورتو پسند جي شادي بعد پريمي جوڙي ميڊيا سان ڳالھيندي چيو ته اسان ٻئي پاڻ ۾ پيار ڪندا آيون جنهن ڪري گھران نڪري پنهنجي رضا خوشي سان شادي ڪئي آهي پريميڪا عينا معرفاڻي چيو ته مون کي ڪنهن به ورغلا ئي اغوا نه ڪيو آهي پنهنجي مرضي سان گھران نڪري شادي ڪي اٿم ھاڻي.مان پنهنجي مڙس عمران ابڙو سان زندگي گذارڻ چاھيان ٿي منهنجا مائٽ منهنجي مڙس ۽ مون کي قتل ڪرڻ چاهن ٿا ۽ منهنجي مڙس تي ۽ منهنجي مڙس جي مائٽن تي ڪوڙا ڪيس ڪيا اٿن. جنهن ڪري شڪارپور پوليس به بااثرن جي چوڻ تي تنگ ڪري رھي آهي پريمي جوڙي سنڌ پوليس ـ اعلي عدليا ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي
