ڪوئٽه، ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب پوليس، سي ٽي ڊي ۽ سيڪيورٽي فورسز ڊيرا اسماعيل خان جي تعلقي درابن ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي. ذريعن موجب اها ڪارروائي گرهه مستان جي علائقي ۾ ڪئي وئي جتي دهشتگردن ڳجهن ٺڪاڻن تان فورسز مٿان حملو ڪيو. جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو.
پوليس موجب مارجي ويلن جي سڃاڻپ منيب، جنيد ۽ شوڪت جي نالن سان ٿي آهي جنهن جو تعلق تحريڪ طالبان پاڪستان گنڊه پور گروپ سان آهي مارجي ويل جوابدار مختلف دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ ملوث هئا، سندن قبضي مان ڪلاشنڪوف، 2 پستول، دستي بم ۽ موبائل فون پڻ هٿ آيا آهن
