اوٻاوڙو ،ٻه هفتا اڳ اوٻاوڙو لڳ سونڻ شاخ تي ڦورن سان مقابلي ۾ گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيل پوليس اهلڪار عبدالرزاق ملڪ رحيم يار خان اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت

اوٻاوڙو ٻه هفتا اڳ اوٻاوڙو لڳ سونڻ شاخ تي ڦورن سان مقابلي ۾ گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيل پوليس اهلڪار عبدالرزاق ملڪ رحيم يار خان اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪھرام متل
اوٻاوڙو (رپورٽ محمد بچل گهنڃو) تفصيل موجب ٻه هفتا اڳ اوٻاوڙو لڳ سونڻ شاخ تي ڏهرڪي مان ڦر ڪري ايندڙ ڦورن سان ايگل جي اهلڪارن جو مقابلو ٿيو جنهن ۾ پوليس اهلڪار عبدالرزاق ملڪ کي ٽي گوليون لڳيون هيون جنهن سبب هو سخت زخمي ٿي پيو هيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو هيو جتي ان جو آپريشن ڪري گوليون ڪڍيون ويون هيو جيڪو زخمن جا سور نه سهندي اڄ رحيم يار خان اسپتال ۾ فوت ٿي ويو اهڙي خبر جڏهن اوٻاوڙو واسين کي پئي ته غم سبب هر اک آلي ٿي ويئي ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن پهريان پوليس پاران انهي ڪيس ۾ گهربل ڪشمور ضلعي واسي برڪت جکراڻي کي مارڻ جي دعوا ڪئي ويئي هئي
۽ ٻه ڏينھن پهريان فوتي جو ويڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو هيو جنهن ۾ هو تمام تڪليف ۾ هجڻ جو چئي رهيو هيو انهي ويڊيو کي علائقي واسين سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو هيو ته فوتي کي ڪراچي اسپتال نيو وڃي پر پوليس پاران پريس رليز ذريعي چيو ويو ته پوليس اهلڪار بلڪل ٺيڪ آهي ۽ ان جو بهتر نموني علاج ٿي رهيو آهي جڏهن ته فوت ٿي ويل پوليس اهلڪار جي نماز جنازھ مرڪزي عيد گاه ۾ ادا ڪئي ويئي جتي هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي بعد ۾ آلين اکين سان شهيد اهلڪار کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو

پنھنجي راءِ لکو