سکر،جمائت اسلامي سٽي سکر جي امير زبير حفيظ چيو آھي ته سياري جي ٿڌ کان بچڻ لاء غريب عورتن کي گرم ڪپڙا ۽ ٻيو سامان ڏئي رهيا آھيون

سکر(بيورورپورٽ محمد قاسم ملڪ )جمائت اسلامي سٽي سکر جي امير زبير حفيظ چيو آھي ته سياري جي ٿڌ کان بچڻ لاء غريب عورتن کي گرم ڪپڙا ۽ ٻيو سامان ڏئي رهيا آھيون ته جيئن غريب خاندان سردي کان ٻارڙن ۽ پاڻ کي محفوظ ڪري سگهن اهڙو اظھار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو زبير حفيظ جو وڌيڪ چوڻ هو ته جمائت اسلامي هر ڏکي وقت ۾ عوام کي اڪيلو ناهي ڇڏيو سکرجي گلشن هالار ۾ خميس ڏينهن سامان ورهائينداسين اڳ به 400 خاندانن کي گرم ڪپڙا ۔ راشن ۽ ٻيو سامان ڏنو آھي جمائت اسلامي اقتدار ۾ نه هجڻ باوجود انساني ڀلائي لاء ڪم ڪري پئي سکر شھر جي مختلف علائقن جي غريب فيمليز جي سار لهندي کين سامان ڏئي رهيا آھيون ۽ معزورن کي ويل چيئر به ڏنيون آهن پارٽي جي ڪوشش آھي ته جيترو ٿي سگهي غريبن لاء آسانيون پيدا ڪري سگهون جڏهن ته سنڌ ۾ جمائت اسلامي جو تعمير وطن پروگرام جلد شروع ٿيندو پنجاب ۾ شروع ٿي چڪو آھي۔ان کان سٽي امير زبير حفيظ شيخ غريب خاندانن ۾ تقسيم ٿيندڙ سامان جو جائزو ورتو ڪوالٽي به چيڪ ڪئي جڏهن ته هال کي شاپنگ مال جيان سينگاريو ويوآھي۔

پنھنجي راءِ لکو