سکر،دارلامان سکر جي انچارچ پاران سکر جي سيشن ڪورٽ ۾ هڪ عورت کي گهر موڪلڻ واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي

سکر(رپورٽ )دارلامان سکر جي انچارچ پاران سکر جي سيشن ڪورٽ ۾ هڪ عورت کي گهر موڪلڻ واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي۔ ٻڌڻي دوران شاهدا خاتون جاڳيراڻي کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي شاهدا جاڳيراڻي عدالت کي استدعا ڪئي ته کيس دارلامان مان بيدخل نه ڪيو وڃي منهنجي زندگي کي خطرو آھي جنهن بعد عدالت عورت شاهدا جاڳيراڻي کي 9 ڊسمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي۔عدالتي احاطي ٻاهران متاثر عورت شاهدا جاڳيراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته دارلامان انچارج سکر بلاجواز کيس دارلامان مان بي دخل ڪرڻ چاهيٿي مون سميت ڪيتريون ئي پناھ ورتل عورتن کي دارلامان مان زبردستي نيڪالي ڏيڻ لاء انچارج سرگرم آھي مونکي گهر وارن مان خطرو آھي ٻه سال اڳ ڪوڙو ڪارهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ چاهن پيا پر پوليس کيس بچائي ورتو هو پر هاڻي دارلامان انچارج منهنجي مائٽن سان ملي ڀڳت ڪري دارلامان مان ڪڍڻ چاهي ٿي جيڪڏهن دارلامان مان ڪڍيو ويون ته مائٽ قتل ڪري ڇڏيندا ان لاء چيف جسٽس آف سنڌ هائي ڪورٽ ۽ لاڳاپيل اختيارن کي اپيل ٿي ڪريالن ته سندس زندگي بچائڻ لاء جوڳا قدم کڻي انصاف ۽ تحفظ ڏياريو وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو