سکر، قومي ووٽرز ڏينھن جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر سکر پاران ووٽ جي اهميت بابت آگاهي واڪ ۽ سيمينار. ڪيو ويو ـ

سکر(بيورو رپورٽ) قومي ووٽرز ڏينھن جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر سکر پاران ووٽ جي اهميت بابت آگاهي واڪ ۽ سيمينار. ڪيو ويو ـ واڪ جي سربراهي ريجنل اليڪشن ڪمشنر عزيز الله عباسي ڪئي، جڏنھن ته ڊسٽرڪٽ الڪيشن ڪمشنر امين بشير علي ،ميڊم شائسته کوسو. طارق چوھاڻ. انفارميشن آفيسر غلام رضا ڀٽي سميت شاگردن، سول سوسائٽي، وڪيل، تعليم، صحت، روينيو، پوليس، سماجي تنظيمن جي نمائندن سميت استاد شاگرد ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سيمينار ۾ مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن پاران ووٽ جي اهيمت بابت تقريريون ڪيون ۽ سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ ووٽ جي قومي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد عوام ۾ جاگرتا پيدا ڪرڻ آهي ته پنهنجي ووٽ جو اندراج ڪرائي جمهوري عمل جو حصو ٿيون ۽ پنهنجي ووٽ جي طاقت سان پنهنجي ۽ پنهنجي قوم جي زندگين ۾ تبديلي آڻي سگهون. ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر سکر امين بشير علي قريشي چيو ته پاڪستان ۾ 1971 کان 2018 تائين 11 اليڪشن ٿي چڪيون آهن جنهن ۾ ووٽرز جو تناسب 40 کان 50 سيڪڙو رهيو آهي ان جي برعڪس فن ليند، ڊنمارڪ، سوئيڊن ۽ ٻين ملڪن ۾ 80 کان 90 سيڪڙو ووٽرز ووٽ جو استعمال ڪن ٿا ڇو جو اتان جا ليڊر نمائندا عوام آڏو جوابده آهن، دنيا جي 21 ملڪن ۾ ووٽ ڏيڻ لازمي آهي ۽ 10 ملڪن ۾ ووٽ نه ڏيڻ تي عوام تي ڏنڊ ۽ وصولي ڪئي ويندي آهي. هنن چيو ته ووٽ اسانجو آئيني ۽ جمهوري حق آهي عام چونڊن ۾ ووٽ جي استعمال سان ملڪ ۾ ترقي خوشحالي ايندي آهي ۽ ملڪ ۾ جمهوريت مضبوط ٿيندي هنن چيو ته ملڪ ۾ آزاد چونڊ ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران ڪوششون ورتيون وينديون آهن جنهن جي پورائي لاءِ ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهو پنهنجو ۽ پنهنجي فيملي جو ووٽ جيڪڏهن داخل ناهي اهو ووٽ داخل ڪرائي رجسٽريشن بابت چيڪ ڪري سگھن ٿا ـ ان موقعي تي سيمينار ۾ تقريرون ڪندڙن ۽ اسڪول جي شاگردياڻين کي پرائڊ آف پرفارمنس ايوارڊ ڏنا ويا.

پنھنجي راءِ لکو