سکر،خاص ٻار الله تعاليٰ جي ڏنل بيشمار صلاحيتن جا مالڪ آهن، ان ڪري انهن جي بهتر تعليم ۽ تربيت تي ڀرپور توجه ڏني وڃي ته جيئن اهي سماج جا ڪارآمد شهري بڻجي سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ حڪومت جي خاص ٻارن جي بحالي واري کاتي جي سيڪريٽري هادي بخش ڪلهوڙي سکر ۾ نابين ٻارن جي بحالي واري مرڪز (بلائنڊ اسڪول) جي دوري جي موقعي تي استادن سان ڳالهائيندي ڪيو. هن سينٽر جي مختلف شعبن جو دورو ڪيو ۽ سينٽر ۾ پڙهندڙ نابين شاگردن جي ٻڌڻ، ڳالهائڻ، ذهني ۽ جسماني صلاحيتن جي ڪلاسن ۾ وڃي معائنو ڪيو ۽ سينٽر جي تعليم، تربيت، سنڀال ۽ طبي سهولتن ۽ بحالي بابت تفصيلي ڄاڻ ورتي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر ريهيبليٽيشن سينٽر سکر ريجن عبدالرزاق عباسي، ڊپٽي ڊائريڪٽر اطهر ڀيو ۽ ٻيا آفيسر ۽ استاد پڻ موجود هئا. هادي بخش ڪلهوڙي وي آءِ سي سينٽر ۾ خصوصي ٻارن جي سار سنڀال، تعليم ۽ تربيت جي فراهمي تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته اهي ٻار استادن ۽ ٻين عملي جي ڀرپور توجه جا مستحق آهن ۽ اسان کي گهرجي ته انهن ۾ موجود صلاحيت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن. هو پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن ۽ ڪنهن جي اڳيان مجبور نه ٿين، بعد ۾ سيڪريٽري (ڊي اي پي ڊي) هادي بخش ڪلهوڙي خاص ٻارن لاءِ مختلف تعليمي ادارن، ايڇ آءِ سي، آر سي پي ايڇ، پي ڊي سينٽر ۽ آئي ڊي سينٽر ۽ ريجنل ڊائريڪٽوريٽ جو دورو ڪيو، ان موقعي تي محمد سليم کوسا، محمد علي، منگڻ انس عباسي، رئيس ابڙو، ڪوثر جوڻيجو ۽ ٻين سيڪريٽري هادي بخش ڪلهوڙي کي سينٽر ۾ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. سيڪريٽري (ڊي اي پي ڊي) هادي بخش ڪلهوڙي IBA ۾آٽزم جي مرض ۾ مبتلا ٻارن جي حوالي سان سيمينار ۾ شرڪت ڪئي ۽ خطاب ڪيو.
