سکر جي اڳوڻي ايم پي اي عبد ا لحليم پيرزادي جي پث جي نا انصافين جي خلاف سکر پريس ڪلب جي اڳيان شيخ برادري چنا برادرين پاران .احتجاجي مظهرو

سکر۔( بيورو رپورٽ۔) سکر جي ڳوٺ نصيرآباد جي رهائشين جو سکر جي اڳوڻي ايم پي اي عبد ا لحليم پيرزادي جي پث جي نا انصافين جي خلاف سکر پريس ڪلب جي اڳيان شيخ برادري چنا برادري ۽ ٻين برادرين جو عورتن مردن ۽ ٻارن سميت پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظهرو ڪيو خبر موجب سکر جي ڳوٺ نصيرآباد جي رهندڙن جو سکر جي اڳوڻي ايم پي اي عبد ا لحليم پيرزادي جي پث جي نا انصافين جي خلاف سکر پريس ڪلب جي اڳيان شيخ برادري چنا برادري ۽ ٻين برادرين جو عورتن مردن ۽ ٻارن سميت پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظهرو ڪيو مطاهري جي اڳواڻي داڪثر ممتاز شيخ نواز چنا ثنا ء الله ڊريهو ڪمال الدين ڊريهو بشير شيخ علي مردان شيخ گلزار شيخ محمد بخش شيخ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا مظاهرين ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪئي سال اڳ اسان اڳوڻي ايم پي اي مرحوم خدا ترس وڪيل عبدالحليم پيرزادي کان زمين خريد ڪئي هئي جنهن جي قيمت اسان ادا ڪري ڏني هئي انهن جي منشين جي سامهون پر مرحوم اڳوڻو ايم پي اي عبدالحليم پيرزادو انتقال ڪري ويو ۽ زمين ۽ ٺهيل گهرن جي زمين جو کاتو ڀدلي ٿي نه سگيو هنن وڌيڪ ٻڌايو ته ان کان پوء اسان ان جي پٽ کان کاتو گهرندا رهيا سين پر ان اسان کي کاتو نه ڏنو ۽ هاڻي اسان کي گهرن کان بيگهر ڪري رهيو آھي اسان پاڪ ڪتاب قران کڻي ۽ نياڻين کي به ڪيترا ڀيرا ان جي گهر ويا آھيون ته اسان سان انصاف ڪيو هاڻي ڪيترن ڏينهن کان اسان جي گهرن جي اڳيان زمين جنهن جا پيسه ڏنل آھن پر هو اسان جي ورتل زمين تي ڏوهاري قسم جا ماڻهون ويهاريا آھن ۽اسان کي موت مار ڌمڪيون ۽ اغوا جون ڌمڪيو ڏئي رهيان آھن اسان جي وزير اعلئ سنڌ مراد علي شاھ ۔ڇيف جسٽس سنڌ آء جي سنڌ دي آئي جي سکر ايس ايس پي سکهر ڪمشنر سکر ڊي سي سکر ۽ ٻين وس وارن کان اپيل آھي ته اسان سان انصاف ڪري انهن ڏوهارين کان تحفظ ۽ انصاف ڏياريو وڃي

پنھنجي راءِ لکو