قطر، فيفا ورلڊ ڪپ ۾ سڀاڻي کان سيمي فائنل جي ويڙهه، برازيل ۽ ڪروشيا مقابلو ڪندا

قطر، فيفا ورلڊ ڪپ جو ناڪ آئوٽ 16 جو مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي ۽ ايونٽ ۾ اڄ کان سيمي فائنل ۾ رسائي جي ويڙهه شروع ٿيندي، جنهن ۾ پهريون مقابلو فيوريٽ برازيل ۽ ڪروشيا جي ٽيمن وچ ۾ ٿي رهيو آهي ميڊيا مطابق قطر جي شهر دوحا ۾ جاري فٽبال ورلڊ ڪپ جي ميگا ايونٽ جو ناڪ آئوٽ 16 ٽيمن مان گهٽجي ڪوارٽر فائنل ۾ 8 ٽيمن تائين محدود ٿي ويو آهي، جنهن بعد عالمي ڪپ جي ٽرافي ڪجهه وکون پري رهجي وئي آهي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪوارٽر فائنل شڪست کائيندڙ 4 ٽيمن جو سفر پڄاڻي تي پهچندو، باقي 4 ٽيمون سيمي فائنل ۾ ڪواليفائي ڪنديون. جڏهن ته سيمي فائنل جي مقابلن ۾ اڄ برازيل ۽ ڪروشيا جو مقابلو رات جو 9 وڳي ٿيندو، سڀاڻي ارجنٽينا ۽ جو نيڌرلينڊ، مراڪش جو پرتگال سان مقابلا ٿيندو جڏهن ته آخري مقابلو 11 ڊسمبر تي عالمي چيمپيئن فرانس ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ کيڏيو ويندو

پنھنجي راءِ لکو