اينٽي ڪرپشن جي عالمي ڏينھن تي سموري ملڪ جيئن ڪنڌ ڪوٽ ۾ پڻ ريلي ڪڍي وئي

هر سال جيان ھن سال ڪرپشن جي روڪ ٿام لاء اينٽي ڪرپشن ويڪ ملهايو ويو ان ڏس ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان گهنٽا گهر تائين ريلي ڪڍي وئي.جنهن ۾ صوبائي توڙي وفاقي کاتن جي عملدارن استاد توڙي شاگردن ۽ صحافين شرڪت ڪئي۔ ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي ، سرڪل آفيسر ۽ ٻين ان ڳاله تي زور ڏنو ته رشوت وٺڻ ۽ ڏيڻ حرام آهي ـ هي هڪ ڪينسر آهي جيڪو معاشري کي تباھ ڪري رهيو آھي ان ڪري ڪرپشن جي خلاف اھم قدم کنيا وڃن ته جيئن عوام ان ناسورکان بچي سگهي. ڪرپشن کي ختم ڪرڻ لاء سڀني ادارن کي عملي ڪم ڪرڻ گھرجي ـ تنهن ڪري اسان سڀني کي ڪرپشن کان پاڪ معاشري لاء جوڳا اپاء وٺڻا پوندا ته جيئن عام ماڻهون کي وڌ کان وڌ ريليف ملي سگهي۔

پنھنجي راءِ لکو