اسلام آباد، ٽيريئن عمران خان جي ڌيءَ آهي، جنهن جا ڪيترائي ثبوت پڻ موجود آهن: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو اهي ته ٽيريئن عمران خان جي ڌيءَ آهي جنهن جا ڪيترائي ثبوت موجود آهن گهرو وزير چيو ته عمران خان پاڻ به ڪڏهن ان کان انڪار ناهي ڪيو. مبينه طور ڌيءَ ٽيريئن کي نامزدگي ڪاغذن ۾ ظاهر نه ڪرڻ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کان جواب طلب ڪري ورتو آهي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران لکت ۾ جاري ڪيل حڪم ۾ چيو ويو ته پٽيشنر موجب عمران خان ٻارن جي تفصيلن ۾ ٻن جو ذڪر ڪيو ۽ هڪ جي معلومات کي ڳجهو رکيو ويو. اصل ۾ عمران خان جا 3 ٻار آهن وفاقي گهرو وزير موجب عمران خان کي 3 ٻار آهن. عدالت چيو ته عام چونڊن ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ وقت غلط معلومات ڏني وئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جي نياڻي بابت داخل درخواست تي سڀاڻي ٻڌڻي ڪندي

پنھنجي راءِ لکو