اسلام آباد، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ 20 مارچ کان اڳ عام چونڊن جو عمل مڪمل ٿي ويندو: فواد چوڌري

اسلام آباد، تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 20 مارچ کان اڳ عام چونڊن جو عمل مڪمل ٿي ويندو، ان حوالي سان اتحادين جو مڪمل اعتماد حاصل آهي سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي فواد چوڌري چيو ته جيڪڏهن پي ڊي ايم 20 ڊسمبر تائين سموري ملڪ ۾ عام چونڊن جو ڪو حتمي فارمولو سامهون نه آندو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جون اسيمبليون ٽوڙيون وينديون هن چيو ته امپورٽڊ حڪومت جا اڪابر چونڊون نٿا چاهين پر ملڪ ڪيئن هلائڻو آهي ان جي به هنن کي خبر نه آهي. صرف وزير بنائڻ ۽ ٻاهرين ملڪن جي دورن سان ملڪ نٿو هلي سگهي اهو هڪ ڏکيو ڪم آهي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته ملڪ هلائڻ جي اهليت هنن حڪمرانن ۾ نه آهي. پاڪستان کي هن وقت سياسي استحڪام جي ضرورت آهي ۽ اهو مستحڪم حڪومت کان سواءِ ممڪن نه آهي ياد رهي ته ان کان اڳ فواد چوڌري پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته جيڪڏهن حڪومت نئين چونڊن جو اعلان نه ڪيو ته وڌيڪ انتظار نه ڪنداسين اسيمبليون ڊسمبر ۾ ئي ٽوڙيون وينديون.
ٻئي طرف گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو ته عمران خان همت ڪري ۽ اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان ڪري اسان پوري طرح تيار آهيون 90 ڏينهن دوران اسيمبلين ۾ ٻيهر چونڊون ڪرائينداسين

پنھنجي راءِ لکو