گھوٽڪي 11 ڊسمبر 2022: ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي جو ايڊيشنل ڊائريڪٽر زراعت کي خط، ضلعي جي ڊيلرن کي ملندڙ يوريا جي ڪوٽا بابت انگ اکر پبلڪ ڪرڻ جي هدايت، لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشرن کي پڻ آگاه ڪيو وڃي. تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ ايڊيشنل ڊائريڪٽر زراعت ڏانهن هڪ خط اماڻي هدايت ڪئي آهي ته ضلعي مان ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ ۽ من پسند اگهه تي وڪري جا اطلاع ملي رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ ڪجهه قوتون ڀاڻ جو ذخيرو ڪري فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پيون، ربيع جي فصل دوران ڀاڻ جي وڌنڌڙ کوٽ سبب آبادگار پريشان ۽ سراپا احتجاج آهن ان سلسلي ۾ وڌيڪ صورتحال پيچيده ٿي سگهي ٿي. انڪري آبادگارن جي پريشان دور ڪرڻ خاطر ڀاڻ ڪارخانن پاران ضلعي جي ڊيلرن کي ملندڙ ڀاڻ جي ڪوٽا بابت انگ اکر سوشل ميڊيا ذريعي پبلڪ ڪيا وڃن ته جيئن آبادگارن کي معلومات ملي سگهي جڏهن ته لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنرن کي پڻ آگاه ڪيو وڃي.
