اسلام آباد، قانون واري وزارت قومي احتساب بيورو کي خط لکي ڇڏيو جنهن موجب نيب جي خودمختاري ختم ڪرڻ جي سمري کي رد ڪري ڇڏيو آهي رپورٽ موجب نيب ملازمت کي سول سروس آڪوپيشنل گروپ ڊڪليئر ڪرڻ جي سمري اماڻي هئي، جنهن تي قانون واري وزارت نيب کي خط اماڻي ڇڏيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نيب جي ملازمت کي سول سرونٽس ڊڪليئر نٿو ڪري سگهي حڪومت نيب جي خودمختاري ختم ڪرڻ جي سمردي رد ڪندي نيب چيئرمين جي خودمختاري ختم ڪرڻ جي تجويز به رد ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ لکيل خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته تجويز منظور ڪرڻ سان نيب خودمختار ادارو نه رهندو ،قانون واري وزارت موجب تجويز منظور ڪرڻ سان نيب چيئرمين جي خودمختاري به ختم ٿي ويندي. نيب جي ملازمت کي سول سرونٽس ڊڪلئر نٿو ڪري سگهي
