ملتان، انگلينڊ پاڪستان کي ٻئي ٽيسٽ ۾ شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي

ملتان، ملتان ٽيسٽ ۾ انگلينڊ پاڪستان کي 26 رنسن تان شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي. پاڪستان ٻئي اننگز ۾ 355 رنسن جي جواب ۾ 328 رنسون ئي ٺاهي سگهيو انگلينڊ جي ٽيم پهريون ڀيرو پاڪستان خلاف سندس ملڪ ۾ ٽيسٽ سيريز کٽي آهي. ٻئي ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن چانهه جي وقفي کان اڳ ميچ جو فيصلو ٿي ويو قومي ٽيم ۾ ڊيبيو ڪندڙ ليگ اسپينر ابرار احمد 11 وڪيٽون حاصل ڪيون. ٻئي اننگز ۾ حدف حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان 198 رنسون 5 وڪيٽن جي نقصان تي اننگز جي شروعات ڪئي. فهيم اشرف 10 رنسون ٺاهي جوروٽ جي بال تي آئوٽ ٿي ويو. جوروٽ ٽيسٽ ۾ پنهنجون 50 وڪيٽون مڪمل ڪري ورتيون
محمد نواز 45 رنسون ٺاهي مارڪ ووڊ جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿيو. جڏهن ته سعود شڪيل 94 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. ابرار احمد 17، زاهد محمود ۽ محمد علي ٻُڙي تي آئوٽ ٿي ويا. ياد رهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽيسٽ سيريز جو ٽيون ٽيسٽ ڪراچي ۾ ٿيندو

پنھنجي راءِ لکو