ملتان، پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ملتان ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ اڃان به 65 رنسن جي ضرورت آهي جڏهن ته قومي ٽيم وٽ 4 وڪيٽون موجود آهن پاڪستان چوٿين ڏينهن پنهنجي اننگز جي شروعات چئن وڪيتن جي نقصان تي 198 رنسن کان ڪيو هو ان وقت ڪريز تي سعود شڪيل ۽ آغا سلمان موجود آهن. چوٿين ڏينهن پاڪستان کي فهيم اشرف ۽ محمد نواز جي صورت ۾ 2 نقصان کڻڻا پيا ملتان ٽيسٽ کٽڻ جي لاءِ مهمان ٽيم انگلينڊ کي وڌيڪ 4 وڪيٽن جي ضرورت آهي جڏهن ته پاڪستان کي ميچ کٽڻ سان گڏ سيريز برابر ڪرڻ لاءِ 65 رنسون گهرجن.
