لاهور، تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت تباهه ڇو آهي ان کي سمجهڻ جي لاءِ اعظم سواتي مٿان تشدد ۽ اين آر او ٽو ذريعي سلمان شهباز جي واپسي جهڙا 2 واقعا ڪافي آهن سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي ٽوئت ڪندي عمران خان چيو ته جيڪڏهن ڪير سمجهڻ چاهي ٿو ته پاڪستان جي معيشت تباهه ڇو ٿي رهي آهي ته ان جي سمجهڻ لاءِ 2 واقعا ئي ڪافي آهن. 75 سالن جي سينيٽر اعظم سواتي کي گرفتاري دوران تشدد جو نشانو بنايو ويو کيس سندس پوٽن ۽ پوٽين جي سامهون سخت تشدد جو نشانو بنايو ويو. سندس گهر جي هڪ حصي کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو ۽ سندس گهر تي زبردستي تالا لڳايا ويا عمران خان چيو ته قائدن ۽ قانون کي مڪمل نظر انداز ۽ انساني حقن جي پامالي ڪندي ڪيس داخل ڪيا ويا. ڪوڙن ڪيسن ذريعي اعظم سواتي کي هڪ کان ٻئي صوبي ۾ اماڻڻ جو سلسلو جاري آهي. ان جي ابتڙ اربين روپين جي ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ ۾ ملوث سلمان شهباز نالي هڪ اشتهاري کي اين آر او ٽو ذريعي پاڪ صاف ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ هو پاڪستان واپس موٽي آيو آهي تحريڪ انصاف چيئرمين وڌيڪ چيو ته رسول اڪرم صه جي اها حديث مبارڪ هر ڪنهن جي نظر ۾ هجڻ گهرجي جنهن ۾ هن خبردار ڪيو هو ته نانصافي ڪيئن قومن کي تباهه ڪري ڇڏيندي آهي
