ڪراچي، اعظم سواتي جي گرفتاري خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور

ڪراچي، سنڌ هاءِ ڪورٽ اعظم سواتي جي سنڌ ۾ گرفتاري خلاف درخواست فوري طور تي ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪري ورتي اعظم سواتي جي پٽ عثمان سواتي والد جي سنڌ ۾ گرفتاري خلاف نئين درخواست داخل ڪئي هئي جنهن جي فوري ٻڌڻي جي استدعا ڪئي وئي هئي سنڌ هاءِ ڪورٽ عثمان سواتي جي درخواست کي ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪري ورتو جنهن تي جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪندو درخواست تي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ اعظم سواتي جو پٽ ۽ سنڌ ۾ اپوزيشن اڳواڻ حليم صديقي سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويا آهن ياد رهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي تڪراري ٽوئيٽ ڪيس ۾ گرفتار آهي جنهن کي گذريل هفتي سنڌ پوليس گرفتار ڪيو هو ۽ کيس بلوچستان کان سکر منتقل ڪيو ويو

پنھنجي راءِ لکو