ڪنڌڪوٽ پوليس مقابلي دوران بازياب، اغوا ٿيل اسلم شاهه ۽ امان الله ڀٽي

ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ، ڪشمور پوليس جي ڪارروائي، ٻه مهينا اڳ اغوا ٿيل اسلم شاهه عرف صدام شاهه ۽ امان الله ڀٽي کي پوليس مقابلي دوران بازياب ڪرائي ورتو يرغمالين جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي ڊي ايس پي عبدالحفيظ چاچڙ ۽ اسپيشل ٽيم ڪچي ۾ ڪارروائي ڪئي، پوليس مقابلو ڪيو ٻه مهينا اڳ اغوا ٿيل اسلم شاهه عرف صدام شاهه ۽ امان الله ڀٽي کي بازياب ڪرايو ويو پوليس کي ڏسندي ئي ڌاڙيلن فائرنگ شروع ڪري ڏني، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هٿياربند ڦورو ڪچي طرف ڀڄي ويا فرار ٿيلن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي يرغمالي کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو، يرغمالي جي آزاديءَ لاءِ وارثن کان وڏي رقم جي به گهر ڪئي وئي يرغمال ٿيلن کي وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن يرغمالين جي بازيابي تي ايس ايس پي ڪشمير زبير نظير احمد شيخ جو شڪريو ادا ڪيو ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو مغوين جو انگ وڌي 17 ٿي ويو آهي

پنھنجي راءِ لکو