ڪنڌڪوٽ،متحدہ کوسو موومينٽ پاران ضلعي صدر ظھير احمد کوسو مقتول جي ڀاءُ تيغو کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج

ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ) ڪنڌڪوٽ ڪجهه ڏينهن اڳ تنگواڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڳھڻو کوسو ۾ قتل ڪيل بگن خان کوسو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ متحدہ کوسو موومينٽ پاران ضلعي صدر ظھير احمد کوسو مقتول جي ڀاءُ تيغو کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو انھي موقعي تي ظھير کوسو ۽ مقتول بگن کوسو جي ڀائرن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته بگن کوسو جي قاتلن کي تنگواڻي پوليس گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ھي نه آهي ٽي ڊسمبر تي بگن کوسو کي بھلڪاڻي برادري جي ماڻھن گھرايو جن ڏي زمين جي رقم رھيل ھئي پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار به نه ھئي بعد ۾ اسان جي چوو چوا ڪرائڻ بعد نامعلوم جوابدارن تي ڪيس تي داخل ڪيو ويو پر پوليس قاتلن کي گرفتار ۽ جاچ بدران قاتلن جي ساٿاري بڻجي خاموش ويھي رھي روز روز اسان ٿاڻي جا چڪر لڳائي لڳائي ٿڪجي پيا آيون قتل به اسان جو ٿيو آهي ھاڻي انصاف لاءِ دربدر آيون پوليس ڪنهن به قسم جي مدد نه پئي ڪري اسين سنڌ ھاءِ ڪورٽ، سنڌ حڪومت، سنڌ پوليس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي ڪنڌ ڪوٽ ۽ وس وارن کان مطالبو ڪريون ٿا ته بگن کوسي جا قاتل گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ اسين پاڪ ڪتاب کڻي عورتن، نياڻين سان گڏجي ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج ڪنداسي،

پنھنجي راءِ لکو