ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ عبدالخالق چاچڙ.)چاچڙ ويلفيئر ٽرسٽ جي پھرين ڪامياب گڏجاڻي کان پوءِ ٻئين ڪامياب گڏجاڻي سکر ۾ ٿي گذري. جنهن جي سربراهي سماجي اڳواڻ اقبال احمد چاچڙ، حافظ عبدالرحمان چاچڙ ڪئي. ميزباني جا فرائض فيض محمد چاچڙ، معروف احمد چاچڙ ادا ڪيا. خصوصي شرڪت استاد طارق علي چاچڙ، عبدالفھیم چاچڙ ،جمال الدين چاچڙ، ڄام ڌڻي بخش چاچڙ، علي جان چاچڙ، استاد عبدالرزاق چاچڙ، ربنواز چاچڙ ،گل محمد چاچڙ، عبدالغفار چاچڙ، ڄام مشتاق چاچڙ، مير خان چاچڙ،نظير احمد چاچڙ، ذوالفقار علي چاچڙ، اشفاق احمد چاچڙ ڪئي. ميٽنگ جي ڪارروائي عبدالفھیم چاچڙ ھلائي. ميٽنگ جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي. ميٽنگ ۾ حيدرآباد، ڪنڌڪوٽ، گھوٽڪي، ڏھرڪي، ڳڙهي خيرو جيڪب آباد۽ سکر سميت مختلف شهرن کان آيل دوستن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي سان خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته چاچڙ ويلفيئر ٽرسٽ ھڪ فلاحي ادارو آهي ۽ عنقريب رجسٽريشن ٿي ويندي. چاچڙ ويلفيئر ٽرسٽ جي پليٽ فارم تان چاچڙ برادري ۽ ٻين مظلوم ماڻهن جي مدد ڪئي ويندي. چاچڙ ويلفيئر ٽرسٽ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ صلاح مشورا ڪيا ويا. ۽ مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون. ۽ آخر ۾ چاچڙ ويلفيئر ٽرسٽ ۽ چاچڙ اتحاد پاڪستان ۽ پنهنجي سنڌ ڌرتي پنهنجي پياري ملڪ پاڪستان جي خوشحالي ۽ سلامتي لاءِ خصوصي طور دعائون گھريون ويون.
