ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ .ڪنڌڪوٽ شھر ۾ وڌندڙ بدامني ۽ معصوم ٻارن جي اغوا واري واقعي خلاف جماعت اسلامي جي سڏ تي غلام مصطفيٰ ميراڻي، حافظ نصر اللّٰه چنه، حفيظ بجاراڻي، محمد ابراھيم خاڪي جي اڳواڻي ۾ مختلف اسڪولن جي سوين شاگردن طرفان ايس ايس پي آفیس جي مين گيٽ آڏو احتجاجي ڌرڻو ھڻي کپي امن کپي، اغوا چوريون ڌاڙا نامنظور، بازياب ڪرايو معصوم مغوي سينگار ملڪ، مسرور بکراڻي سميت ٻين مغوين کي بازياب ڪرايو جي نعريبازي پڻ ڪئي انھي موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائیندي چيو ته پوليس امن امان بحال ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي مسرور بکراڻي، سينگار ملڪ سمیت 16 ڄڻا ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهن پوليس مغوين کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام نظر اچي رھي آهي انھن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته شھر ۾ بدامني تي ڪنٽرول ڪري شھرين کي سک سان جيئڻ جو حق ڏنو وڃي اغوا ڦرن جي واقعن ۾ ملوث ڏوھارين کي گرفتار ڪري تمام مغوين کي جلد بازياب ڪرائي امن امان شھر ۾ قائم ڪيو وڃي جيستائين مغوي بازياب نه ٿيندا شھرين کان ڦر ٿيل ۽ چوري ڪيل سامان واپس نه ٿيندا تيستائين احتجاج جاري رکيو ويندو
