ڪنڌڪوٽ.ڊيراسرڪي پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ سنجر خان جعفري ۾ نامعلوم هٿيار بندن جو حملو فائرنگ جي نتيجي۾ گوليون لڳڻ سبب حاجي ارصلاح جعفري سخت زخمي

ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر .تنگواڻي ڊيراسرڪي پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ سنجر خان جعفري ۾ نامعلوم هٿيار بندن جو حملو فائرنگ جي نتيجي۾ گوليون لڳڻ سبب حاجي ارصلاح جعفري سخت زخمي ٿي پيو جڏھن ته پنج ايڪڙن جي رکيل پلال کي باھ ڏيئي فائرنگ ڪندي ھٿياربند آساني سان فرار ٿي ويا ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ ھو ته ڀتو نه ڏيڻ تان اسان جي ڳوٺ مٿان ھٿياربندن فائرنگ ڪري اسان جي نوجوان کي زخمي ڪري ويا ۽ پلال جي ديري کي باھ ڏيئي هٿيارن جي زور پيل ديري کي باھ ڏيئي فرار ٿيڻ ۾ڪامياب ٿي ويا انھن ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ زبير احمد شيخ کان مطالبو ڪندي چيو ته اسان انصاف ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي

پنھنجي راءِ لکو