ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ، ڪشمور ۾ بابا گرونانڪ صاحب سنگ سڀا ڪشمور جي ڪيرتن درٻار ۾ ٻارھون وشيش ملھايو پيو وڃي، ڪيرتن درٻار ۾ ٽن ڏينهن جي شروع ٿيندڙ ميلي ۾ امرتسر لوڌيانا، دھلي کان ميلي ۾ شرڪت لاءِ آيل سک سردارن جو ڪشمور جي ڪيرتن درٻار ٻاهريان شاندار استقبال ڪندي گلن جا هار پارايا ويا دھلي، امرتسر کان آيلن ۾ بابا گرديو سنگ، جسپريت سنگ، پرمجيت سنگ جگتار سنگ دلجيت سنگ گرسيوڪ سنگ سربجيت سنگ جو ڪيرتن درٻار پھچڻ تي سردار مھيش سنگھ آنند ء سردار اجيت سنگھ آنند پاران ۽ ڪشمور جي ھندو برادري استقبال ڪيو ميلي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ آيل سک سردارن ڪشمور جي ڪيرتن درٻار ۾ پھچي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان اچي دلي خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون سنڌ واسي پيار ڪندڙ محبتون ورھائيندڙ آهن سندس ڏنل محبتن جا مشڪور آهيون ڪشمور ۾ ھر سال جيان گرونانڪ صاحب سنگ سڀا ڪيرتن درٻار ۾ ٻارھون وشيش ملھايو پيو وڃي ٽن ڏينهن جي شروع ٿيندڙ ميلي ۾ پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ھزارين عقيدت مند شرڪت ڪندا ميلي جي سڪيورٽي سخت ڪئي ويندي،
