ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ، صبح جو غوثپور پوليس ٿاڻي جي حد دڙي سندراڻي وٽ لاوارث حالت ۾ مليل مھراڻ ڪار جي تصديق ٿي وئي آهي
وڌيڪ مليل تفصيل موجب ان ڪار جي مالڪ جي سڃاڻپ لاڙڪاڻي واسي ٽيڪسي ڊرائيور زاھد حسين عمراڻي طور ڪئي وئي آهي پوليس وارن ميڊيا کي ٻڌايو ته غوثپور جي ڪچي واري علائقي جا ڏوهاري دوکي سان لاڙڪاڻي مان ڪار ٽيڪسي ڪرائي تي ڪرائي آيا هئا۔ رات دير سان دڙي سندراڻي واري علائقي مان ڏوهاري ڪار ڇڏي ڊرائيور زاھد عمراڻي کي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا آهن۔ پوليس جو موقف
حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي پيرا ڪچي واري علائقي درياھ تي وڃائي موٽي آئي ۽ ڪار کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي ۽ واقعي جي اين سي داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رھي آھي۔
