ڪنڌڪوٽ شهر جامسئلا جلد حل ڪيا وڃن شهر جي مسئلن جي حل لاء سخت قدم کنيا وڃن ۔ ايم پي اي مير غلام عابد خان سندراڻي

ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ڪنڌڪوٽ شهر جامسئلا جلد حل ڪيا وڃن شهر جي مسئلن جي حل لاء سخت قدم کنيا وڃن ۔ ايم پي اي مير غلام عابد خان سندراڻي ۔شهر اندر صفائي ,گٽرن جا ڍڪڻ,ڍورن جو آذار,اسٽيريٽ لائٽ جو وڏو مسئلو آهي جنهن کي جلد حل ڪيو وڃي. ايم پي اي جي ڪامورن کي سخت هدايتون. تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر آفيس اندر ايم پي اي مير غلام عابد خان سندراڻي, ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي پبلڪ هيلٿ ۽ ميونسپل عملدارن جي شهر جي اهم مسئلن تي گڏجاڻي ٿي. گڏجاڻي ۾ ايم پي اي ڪامورن کي هدايت ڪئي ته شهر اندر صفائي جو وڏو مسئلو آهي جنهن کي جلد کان جلد حل ڪيو وڃي ، شهر اندر گٽرن جا ڍڪڻ کليل آهن شهر اندر ڍورن جو آذار وڌي ويو آهي۔ اسٽيريٽ لائٽ جو وڏو مسئلو آهي جنهن کي جلد حل ڪيو وڃي۔شهر ۾ حد دخلين جو وڏو مسئلو آهي جيڪو حل ٿيڻ کپي. ڊپٽي ڪمشنر گڏجاڻي سان خطاب ڪندي چيو ته شهر جي مسئلن جي حل لاء انتظاميه پاران سخت کان سخت قدم کنيا ويندا ڪنڌڪوٽ اسان جو حصو آهي ضلعي اندر لئبريري ڊئلاسسز ۽ ٻيون سهولتون موجود آهي شهر جي صفائي جو وڏو مسئلو آهي جنهن جلد حل ڪيو ويندو.

پنھنجي راءِ لکو