ڪنڌڪوٽ شھر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ڊاڪٽرن پاران،پريس ڪلب آڏو احتجاج

ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ، ڪنڌڪوٽ شھر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ڊاڪٽرن پاران ڊاڪٽر امان اللّٰه سھرياڻي، غلام مصطفيٰ ميراڻي، حضوربخش سومرو، امتياز شاهه، وقار الاسلام خواجه، محمدعلي دايو، خالد ڀٽو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو انھي موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائیندي چيو ته شھر بدامني جي لپيٽ ۾ آهي ڏوھارين جا ٽولا بنا ڪنهن خوف جي ڦر، چورين ۽ اغوا جون وارداتون ڪري آساني سان فرار ٿي وڃن ٿا پوليس ڏوھارين خلاف ڪا به ڪاروائي نٿي ڪري جنهن ڪري شھري غير محفوظ بڻيل آهن ڪنڌڪوٽ مان اغواڪيل معصوم نينگر سينگار ملڪ، تنگواڻي مان اغوا ڪيل معصوم نينگر مسرور بکراڻي سميت ٻين مغوين کي جلد پوليس بازياب ڪرائي ۽ ڦر ۽ چوري ٿيل سامان شھرين کي واپس ڪرائي ڏنو وڃي اسين امن چاھيون ٿا پوليس پنهنجو ڪردار ادا ڪري ضلعي ۾ امن قائم ڪرائي ضلعي مان اغوا ٿيل معصوم نينگرن سميت تمام مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج اڃان وڌيڪ تيز ٿيندو

پنھنجي راءِ لکو