اسلام آباد، پي ٽي آءِ سينيٽر اعظم سواتي خلاف سنڌ ۾ سمورا داخل ڪيل ڪيس ختم، اسلام آباد پوليس حوالي

اسلام آباد، سنڌ ۾ داخل سمورا ڪيس ختم ٿيڻ کان پوءِ اعظم سواتي کي سکر کان اسلام آباد منتقل ڪيو ويو آهي سينيٽر اعظم سواتي خلاف سنڌ ۾ داخل ڪيسن خلاف داخل ڪيل درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي گذري جنهن ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ، ڊي آءِ جي ڪراچي جنوبي ۽ ٻيا عملدار عدالت آڏو پيش ٿيا ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ هاءِ ڪورٽ کي ٻڌايو ته اعظم سواتي خلاف صوبي ۾ سمورا داخل ڪيل ڪيس ختم ڪيا ويا آهن جنهن کان پوءِ اعظم سواتي کي اسلام آباد اماڻيو ويو آهي جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ معاملي کي حل ڪيو آهي. هاڻي اعظم سواتي خلاف وڌيڪ ڪيس داخل نه ٿيڻ گهرجن ياد رهي ته سينيٽر اعظم سواتي خلاف اسلام آباد، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ ادارن جي توهين ۽ عوام کي بغاوت تي ڀڙڪائڻ جا ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا هئا فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي(ايف آءِاي) اعظم سواتي کي سلام آباد مان 27 نومبر تي گرفتار ڪيو هو. اسلام آباد ۾ ضمانت ملڻ تي اعظم سواتي کي بلوچستان منتقل ڪيو ويو هو

پنھنجي راءِ لکو