اوٻاوڙو،ڳوٺ جمن ڀٽو،ڀٽا برادري جي مردن ۽ عورتن پاران نينگري جو لاش کڻي احتجاجي مظاهرو

اوٻاوڙو تفصيل موجب , چار ڏينهن اڳ ڳوٺ جمن ڀٽو ۾ زمين جي مالڪي تان ڀٽا ۽ ڪمبوه برادري ۾ جهيڙو ٿيو هو جنهن جو ڪمبوه برادري جي زخمين جي ڪيس ڀٽا مٿان داخل ڪرايو ويو هو جنهن بعد پوليس چڙهائي دوران ٻن ورهين جي معصوم نينگري دعا ڀٽو پراسرار نموني فوت ٿي وئي جنهن بعد ڀٽا برادري جي مردن ۽ عورتن پاران فوتي نينگري جو لاش کڻي اوٻاوڙو ٿاڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ان موقعي تي ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن الزام هڻندي چيو ته ڊي ايس پي اوٻاوڙو محمّد مٺل ککراڻي پاران اسانجي ڳوٺ مٿان بلاجواز چڙهائي ڪري ڏني پوليس چڙهائي دوران عورتن مٿان تشدد ڪيو ويو ۽ ڊي ايس پي اسانجي نينگري دعا کي کڻي پٽ تي اڇلايو ۽ نينگري لتاڙجي زخمي ٿي پئي جنهن کي ڏهرڪي نيو پئي ويو ته هو رستي ۾ فوت ٿي وئي ۽ پوليس اسانجي گهر مان قميتي سامان ۽ ڍور به ڪاهي وئي آهي ۽ پوليس فوتي نينگري جي پي کي به گرفتار ڪري وئي آهي انهن وڌيڪ چيو ته نينگري جو ڪيس ڊي ايس پي اوٻاوڙو داخل ڪرايو وڃي اسان سان انصاف ڪيو وڃي جيڪڏهن اسان سان انصاف نه ٿيو ته اسين ڌرڻو ختم نه ڪنداسين هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي اوٻاوڙو محمّد مٺل ککراڻي ٻڌايو ته چار ڏينهن پهريان ڀٽا برادري ۽ ڪمبوه برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿيو هو جنهن تان ڪمبوه برادري جا ماڻهون زخمين ٿيا هئا ڪمبوه برادري برادري جي زخمين جو ڪيس ڀٽا برادري جي ماڻهن مٿان داخل ٿيل آهي جڏهن پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاء ڪاروائي ڪئي ته ان وقت مون هتي موجود نه هئس ڀٽا برادري پاران مون مٿان لاڳايل الزام بي بنياد آهن

پنھنجي راءِ لکو