سکر،طالبن جي مڃتا لاء بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سکر لاڙڪاڻي ڊويزن جي ملازمن پاران سکر پريس ڪلب ٻاهران احتجاج

سکر(رپورٽ يارمحمد سومرو)مطالبن جي مڃتا لاء بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سکر لاڙڪاڻي ڊويزن جي ملازمن پاران سکر پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو احتجاج ۾ شامل ملازمن مطالبن جي حق ۾ نعري بازي پڻ ڪئي ان موقعي تي مظاهرين جي اڳواڻي ڪندڙ ڊپٽي ڊائريڪٽر ذوهيب لانگاھ۔ڊپٽي ڊائريڪٽر سيد مسعود شاھ۔ڊپٽي ڊائريڪٽر لطيف جوڻيجو ۽ ٻين جو چوڻ هو 2008 ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت دوران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو بنياد وڌو ويو هو پر ان وقت کان اڄ تائين بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ ملازمت ڪندڙ آفيسرن ۽ ٻئي اسٽاف کي نه ئي پروموشن ڏنا ويا آھن ۽ نه ئي پينشن سميت سروس بڪ جاري ٿيو آھي جڏهن ته ڪانٽريڪٽ تي ۽ ڪنٽجنٽ تي ڪم ڪندڙ ملازمن پڪو ناهي ڪيو ويو گزيل چوڏهن سالن کان جيڪو ملازم جنهن گريڊ ۾ آهي اهو ساڳئي ئي اسڪيل ۾ آھي مظاهرين بينظير انڪم سپورٽ پروگرام چيئر پرسن پ پ ايم اين اي شازيا مري ۽ ٻين اختيارن کي اپيل ڪئي آھي ته اسان جي جائز مطالبن ڪچن ۽ ڪانٽريڪٽ ملازمن کي ريگولر ڪرڻ سميت 100 سيڪڙو پروموشن ڪوٽا ڏني وڃي ۔پينشن فنڊ۔ميڊيڪل پاليسي ۽ لون ايڊوانس پاليسي منظور ڪئي وڃي جڏهن ته ڊيپوٽيشن ملازمن کي سندن جي کاتن ڏاهن موڪلي ملازمن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪرائي وڃي وڃي
ڇا ڪاڻ جو ڊيپوٽيشن ملازم اسن جي حقن تي ڌاڙو هڻي رهيا آھن

پنھنجي راءِ لکو