سکر، ٽائون ڪميٽي گهوٽڪي جي ملازمن کي پگهارون نه ڏيڻ خلاف.سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج

سکر(بيورورپورٽ)ٽائون ڪميٽي ڏهرڪي۔ ٽائون ڪميٽي ڪوٽ ڏجي ۔ميونسپل ڪاميٽي گهوٽڪي جي ملازمن کي پگهارون نه ڏيڻ خلاف آل پاڪستان لوڪل گورنمنٽ ورڪرز فيڊريشن سکر ڊويزن جي سڏ تي ملازمن جي وڏي انگ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعري بازي ڪئي ان موقعي تي مظاهرين کي خطاب ڪندي يونين اڳواڻن عبدالمجيد جسڪاڻي۔علي مردان شيخ۔سعيد احمد۔عبدالله خان۔ طارق حسين  سولنگي مشاهد حسين پلھ ۽ ٻين چيو ته مٿي ڄاڻايل ٽائونز جي ملازمن کي ڪيترن ئي مهينن کان پگهارون ناهن مليون جيڪا وڏي ناانصافي آھي لوڪل گورنمنٽ جي ملازمن سان سڄي سنڌ ۾ ناجائزيون ٿي رهيون آھن جن کي برداشت نه ڪيو ويندو جيڪڏهن مڪاني کاتي سنڌ جي ملازمن سان نا جائزيون بند نه ڪيون ويون ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔ اڳواڻن وڌيڪ چيو ته لوڪل گورنمنٽ جي سمورن ملازمن کي آنلائن ٽريزري ذريعي پگهارون ادا ڪيون وڃن جيڪو اسان جو حق آھي ۔اڳواڻن مڪاني کاتي سنڌ جي اختيارن کان مطالبو ڪيو ته ملازمن جون رهيل پگهارون ۽ پينشن ادا ڪري ملازمن کي فاقه ڪشي کان بچايو وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو