سکر، پنوعاقل جي رهواسي مير حسن ڪورائي گهر ڀاتين سميت پٽ جي بازيابي لاء سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاج

سکر نيشنل پريس ڪلب نيوز/ پنوعاقل جي رهواسي مير حسن ڪورائي گهر ڀاتين سميت پٽ جي بازيابي لاء سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو آهي ته هفتو اڳ منهنجي پٽ 15 ورهين جي ڪامران کي پنو عاقل مان اغوا ڪيو ويو آهي، اسان کي ڪامران جي دوست ساجد ٻڌايو ته پنج ڄڻا ڪامران کي اغوا ڪري ويا آهن، هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، پوليس ڏانهن ويا آهيون پر پوليس به مدد نٿي ڪري، مدد ڪري پٽ کي بازياب ڪرائي، ست ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس منهنجي پٽ کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي، پٽ جي اغوا سبب اسين ڏاڍي پريشان آهيون، هن ايس ايس پي سکر ۽ ڊي آئي جي سکر کان مطالبو ڪيو ته سندس پٽ کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي.

پنھنجي راءِ لکو