سکر; پيپلز ليبر بيورو سکر ڊويزن جو ھڪ اھم اجلاس ڊويزنل صدر محترم غلام اڪبر سارنگ چانڊيو صاحب جن جي صدارت ھيٺ سرڪٽ ھائوس سکر ۾ ٿي گذريو اجلاس ۾ پيپلز ليبر بيورو سنڌ جي نائب صدر محترم سيد قطب علي شاهه جن خصوصي طور تي شرڪت ڪئي اجلاس ۾ پيپلز ليبر بيورو ضلع سکر پيپلز ليبر بيورو سٽي سکر پيپلز ليبر بيورو ضلع خيرپور ۽ پيپلز ليبر بيورو ضلع گھوٽڪي جي عھديدارن شرڪت ڪئي اجلاس ۾ تنظيمي معاملن کان علاوه 27 ڊسمبر تي شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ پيپلز ليبر بيورو جي ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪرڻ ۽ جنوري۾ ليبر ڪنونشن جي نالي سان ھڪ بھترين پروگرام منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو اجلاس ۾پيپلز ليبر بيورو سنڌ جي نائب صدر محترم سيد قطب علي شاهه صاحب ۽ ڊويزنل صدر محترم غلام اڪبر سارنگ چانڊيوصاحب پورھيتن جي مسئلـن کي اجاگر ڪرڻ تي زور ڀريندي چيو ته ليبر جي انٽرنيشنل تنظيم آئي ايل او ليبر کاتي جي ملي ڀڳت سان پاڪستان خصوصن سنڌ اندرجڙتو سيمينار منعقد ڪري پرھيتن جي نالي تي ملندڙ ڪروڙين ڊالرن جي فنڊن ۾ ڪرپشن ڪري رھي آھي جڏهن ته پورھيتن جي لاء عملي ڪم ڪٿي به نظر نٿو اچي پنهنجي خطاب ۾ ھنن چيو ته سنڌجي ڪارخانن ۽ زراعت ۾ ھارين ۽ مزدورن کي آئي ايل او جي وڏن وڏن فائيو اسٽار ھوٽلن جي سيمينارن سان ڪا خاص مدد رعايت يا فائدو نه ملي رھيو آهي انهيَ موقعي تي پيپلز ليبر بيورو سٽي سکر جي صدر لالا سيف الرحمان خان اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ عھديدارن کي ڀليڪار ڪيو ۽ جيو ته اسين پيپلز ليبر بيورو جي پليٽ فارم تان مزدورن جي حقن جي لاء جدوجهد ڪري رھيا آهيون جيڪا اسان جي ھميشه جاري رھندي ان کان پوء پيپلز ليبر بيورو ضلع سکر جي صدر محترم جاڳڻ خان ايري خيرپور ضلع جي صدر اربيلو لاشاري ۽ ضلع گھوٽڪي جي جنرل سيڪريٽري رضوان ڀٽو جن پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته اجلاس جي ڪارروائي ڊويزنل جنرل سيڪريٽري فيروز احمد ڦلپوٽو صاحب ھلائي انهيَ موقعي تي مٿين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته محترمه بينظير ڀٽو صاحبه دنيا جي نالي واري ليڊر ھئي ۽ ھوء مسلمانن ملڪن جي پھرين عورت وزيراعظم ھئي جنهن آخري وقت تائين عوام ملڪ ۽ پيڙھيل طبقي جي لاء پنهنجو آواز بلند رکيو ۽ ھن ملڪ جي مظلوم عوام جي لاء جدوجهد ڪندي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نقش قدم تي ھلندي ھن پارٽي جو علم ھميشه بلند رکيو ۽ ڪڏهن به ظالمن ۽ ڊڪٽيٽرن جي آڏو آڻ نه مڃي ھن کي بار بار انھن جي طرفان ڌمڪيون ملنديون رھيون پر ان جي با وجود به ھن بھادر ليڊر جام شھادت ته حاصل ڪئي پر ان وقت جي ظالمن ڊڪٽيٽرن آڏو ڪنڌ نه جھڪايو اسين ان جي خدمتن کي ان جي سياست کي ۽ ان جي عظيم شخصيت کي سلام عقيدت پيش ڪرڻ جي لاء 27 ڊسمبر تي ڳڙھي خدابخش ڀٽو ۾ لکن جي تعداد ۾ گڏجي ڪري کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو اجلاس ۾ پيپلز ليبر بيورو جي ھيٺين عھديدارن پڻ شرڪت ڪئي*
علي مردان شيخ صاحب آغا بشير ترين صاحب نياز احمد شيخ صاحب غلام نبي لاشاري صاحب عبدالجبار شيخ صاحب شفيع الله ڪلوڙ صاحب زبير احمد ڀيو صاحب محمد الياس لاشاري صاحب علي بخش رڏ صاحب لعل بخش ڀٽو صاحب ذاھد حسين لاشاري صاحب علي حسن منگي صاحب مجيب الرحمان شيخ صاحب ماجد علي کوسو صاحب محمد عاشق ڪورائي صاحب آفاق احمد منگي صاحب امداد علي ڪلوڙ صاحب غلام رسول ڀٽو صاحب ۽ حبيب الله پنھور صاحب
