ڪنڌ ڪوٽ( رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ) ضلع ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۾ اغوائن جو سلسلو رڪجي نه سگھيو پريس ڪلب ڪنڌ ڪوٽ سامھون گولا برادري پاران ھڪ ھفتو اڳ زورڳڙھ واري علائقي مان مڇي جي فارم تان چوڪي ڏيندڙ نظير عرف شالو گولو جي جي بازيابي لاء وارثن احتجاج ڪيو ان موقعي تي مغوي جي ڀاء محرم گولو وارثن زاھد گولو منير احمد گولو سميت ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي مغوي کي ھڪ ھفتو گذري ويو آھي پر بخشاپور پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آھي مغوي جي بازيابي لاء ڌاڙيلن پاران فون ذريعي ڀنگ طلب ڪئي وئي آھي جيڪا ڏيڻ جي ڪا سگھ ناھي اسان جي برادري کي ٽارگيٽ ڪري ماڻھن کي اغوا ڪيو پيو وڃي اسان شريف شھري آھيون اسان جي دشمني ڪنھن سان به نه آھي پوليس اسان کي احتجاج ڪرڻ کان روڪي رھي آھي پر اسان مجبور آھيون مغوي جي گھر ۾ قھرام متل آھي جنھن جا معصوم ٻار پنھنجي والد جي بازيابي لاء ڏينھن رات دڳن ۾ ديدون وڌل آھن پر پوليس جي ڪارڪردگي مان اسين مايوس ٿي احتجاج جو رستو اختيار ڪيو آھي اسان جي ايس يس پي ڪنڌ ڪوٽ سميت وس وارن کان مطالبو آھي ته اسان جي دانھن کي ورنائي مغوي کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ اسان انڊس ھاء وي تي تاريخي ڌرڻو ھڻنداسين
