لاهور، باجوه سان ڊيل کان پوءِ ملڪ ڦرڻ لاءِ چور واپس اچي ويا،عمران خان

لاهور، تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته باجوه سان ڊيل ڪري ملڪ ڦرڻ لاءِ چور واپس اچي ويا آهن عمران خان زمان پارڪ لاهور مان وڊيو لنڪ تي شاگردن سان خطاب ڪندي چيو ته شاگرد پاڪستان جو مستقبل آهن. اسان نوجوانن مان اميدون لڳايون هيون. اسان کي پاڪستان کي سموري دنيا ۾ بي مثال بنائڻو آهي. نوجوان ملڪ کي اتي کڻي ويندا جنهن منزل تي ملڪ کي وڃڻ گهرجي. هن چيو ته خواب تائين پهچڻ ۾ وڏي رنڊڪ شڪست جو هوندو آهي. شڪست جي ڊپ سبب ماڻهو خواب ڇڏي ڏيندا آهن. خوف اهڙي شيءَ آهي جيڪو انسان کي مقصد تائين پهچڻ کان روڪيندو آهي وزيراعظم ٻاهر وڃي چوي ٿو ته مان گهرڻ ته نه آيو آهيان پر مجبور آهيان، اوهان جو وزيراعظم اهڙي ڳالهه ڪري قوم جي عزت ختم ڪري ڇڏيندو آهي. اهڙن بيشرم انسانن ۽ چورن جي ڪهڙي عزت هوندي آهي. هي پنهنجا پئسا چوري ڪري ملڪ کان ٻاهر اماڻيندا آهن هي چون ٿا محنت نه ڪنداسين امداد مان ايندڙ پئسن مان ڪم هلائينداسين
هن چيو ته چورن کي اين آر او ٽو ڏئي ملڪ تي ظلم ڪيو ويو جڏهن هنن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪارروائي شروع ٿيندي آهي ته هي ملڪ کان ٻاهر ڀڄي ويندا آهن. هنن پهريان جنرل مشرف سان ڊيل ڪئي ۽ هاڻ جنرل باجوه سان ڊيل ڪئي آهي. ڊيل کان پوءِ هي ملڪ واپس اچي ويا جنهن کان پوءِ هاڻ هي ٻيهر ملڪ کي لٽيندا. عمران خان چيو ته هن چورن پنهنجا 1100 ارب روپين جا ڪرپشن وارا ڪيس معاف ڪرايا. اين آر او جي گنگا مان وهنجي سڀ پاڪ ٿي رهيا آهن. اسحاق ڊار ۽ سليمان شهباز به پاڪ ٿي ويا. شهباز شريف جا سمورا ڪيس ختم ڪيا ويا چيئرمين پي ٽي آءِ چيوته نوازشريف واپس اچڻ جي لاءِ تياريون ڪري رهيو آهي. هو هن وقت پاڻ کي نيلسن منڊيلا سمجهي رهيو آهي هو سمجهي ٿو ته هن سان وڏو ظلم ٿيو آهي. آصف زرداري جا ڪيس ختم ٿي ويا، ان جي ڀيڻ فريال ٽالپر به پاڪ ٿي وئي. سموري سنڌ کي خبر آهي ته ٻئي ڀاءُ ڀيڻ هر شيءَ جي ڪميشن وٺندا آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ طاقتور وڏيرا غريب هارين مٿان جانورن جيان ظلم ڪندا آهن اهو سڀ ڪجهه ظلم جي ڪري ٿي رهيو آهي جو ننڍو چور جيل ۾ ۽ وڏو چور ٻاهر آهي.
هن چيو ته اسان فيصلو ڪيو ته ٻيڙيون ساڙي ڪم ڪرڻو آهي ڪوبه پلان بي ناهي محنت ڪري پنهنجيون غلطيون ختم ڪريو. آزاد ذهن فيصلا ڪندا آهن. هتي غلام ذهن ويٺل آهن جيڪي روس کان تيل وٺڻ تي آقا جي ناراض ٿيڻ جو سوچيندا آهن ڀارت اتحادي هوندي به روس کان سستو تيل خريد ڪري رهيو آهي

پنھنجي راءِ لکو