پشاور،اتر وزيرستان ۾ خودڪش حملو، پاڪ فوج جو حوالدار ۽ شهري شهيد

پشاور، اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ ٿيندڙ خودڪش حملي ۾ پاڪ فوج جو حوالدار ۽ هڪ شهري شهيد ٿي ويو اتر وزيرستان جي هيڊ ڪوارٽر ميرانشاهه جي بازار ۾ موٽر سائيڪل سوار خودڪش حملي آور پاڻ کي سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي سان ٽڪرائي ڇڏيو آءِ ايس پي آر موجب خودڪش حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن سميت 9 ڄڻا زخمي به ٿي پيا. ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر فرحان خان موجب ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال ميرانشاهه منتقل ڪيو ويو آهي آءِ ايس پي آر موجب ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ حوالدار محمد امير جي عمر 30 سال هئي ۽ سندس تعلق ميانوالي سان هو. آءِ ايس پي آر موجب واقعي کان پوءِ فورسز علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي وزيراعظم شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي حوالدار محمد امير ۽ شهري جي شهادت تي ڏک ۽ سندس وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم خودڪش حملي تي رد عمل ۾ چيو ته مسلمانن تي خودڪش حملو ڪندڙ مسلمان نٿا ٿي سگهن. دهشتگرد دشمنن جا ساٿي آهن جيڪي پاڪستان کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ چاهين ٿا. پاڪستاني عوام جي رت جي هڪ هڪ ڦڙي جو حساب وٺنداسين. دهشتگردن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندو وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون آهن. اسان شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا. جنهن ملڪ تي پنهنجون جانيون قربان ڪيون. وزيراعظم شهيدن کي ثواب پهچائڻ ۽ سندس گهر ڀاتين کي صبر عطا ڪرڻ لاءِ دعائون پڻ گهريون

پنھنجي راءِ لکو