ڪنڌڪوٽ،غوثپور جي ڪچي واري علائقي مان پوليس کي لاوارث حالت ۾ مليل ڪار مان مبينه طور پنج ماڻھو اغوا ٿيڻ جو انڪشاف

ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ، ھڪ ڏينھن اڳ غوثپور جي ڪچي واري علائقي مان پوليس کي لاوارث حالت ۾ مليل ڪار مان مبينه طور پنج ماڻھو اغوا ٿيڻ جو انڪشاف۔ لاڙڪاڻي مان تترن جي شوق لا۽ آيل زاھد عمراڻي۔ سڪندر عمراڻي۔ ڀورل عباسي۔ اصغر گھانچو ۽ سيد اصغر شاھ کي ڪچي جي ڏوھارين دوکي سان گھرائي مبينه اغوا ڪري ويا۔ ذريعن وٽان مليل معلومات موجب ھڪ ڏينھن اڳ پوليس کي ڪچي واري علائقي ڀرسان ھٿ آيل مھراڻ ڪار بابت انڪشاف ٿيو آھي ته ان ۾ ھڪ نه پر پنج ڄڻا جيڪي لاڙڪاڻي مان تترن جي خريداري جي شوق ۾ ڪچي جي ڏوھارين پاران دوکي سان گھرائي اغوا ڪيا ويا آھن۔ ڪالھ ميڊيا ۾ خبرون اچڻ بعد مغوين جي وارثن ڪشمور پوليس کي اھڙي صورتحال کان آگاھ ڪيو آھي۔ واضع رھي ته پوليس ڪالھ ھڪ مغوي زاھد عمراڻي جي اغوا جي تصديق ڪئي ھئي۔ اھو به معلوم ٿيو آھي ته پوليس راڄوڻي طريقي سان مسئلي کي حل ڪرڻ لا۽ ڪوششن ۾ رڌل آھي

پنھنجي راءِ لکو